ستار سروهي

ستار سروهي

ستار سروهي

ستار سروهي: ناليواري شاعر ۽ ڪالم نگار ستار سروهيءَ جو پورو نالو عبدالستار سروهي آهي. سندس جنم 23 مارچ 1981ع تي ڳوٺ علي بخش سروهي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ عبدالحق سروهيءَ جي گهر ۾ ٿي. هُن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ علي بخش سروهيءَ مان، مئٽرڪ سنڌ مدرست الاسلام ڪراچيءَ مان، انٽر قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1996ع کان عوامي آواز جي ٻارن واري صفحي ‘جوت’ ۾ گيت لکڻ سان ڪئي. سندس شاعري مختلف رسالن توڙي اخبارن ماهوار ‘سارس’، ماهوار ‘نئون نياپو’، ماهوار ‘مٽي’ وغيره ۾ شايع ٿي. ستار سروهي، صحافتي سفر جي شروعات 1998ع ۾ روزاني ‘ڪوشش’ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي، جنهن ۾ 2003ع تائين ڪم ڪندو رهيو، جنهن کانپوءِ هن ڪراچيءَ مان نڪرندڙ سنڌي اخبار روزاني ‘خبرون’ ۾ سب ايڊيٽر طور 2003ع کان 2006ع تائين ڪم ڪيو، جتان مشرف حڪومت دوران ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ سنڌي اشتهار شايع ڪرڻ واري عمل خلاف اخبار جي پاليسيءَ سان اختلاف رکندي هن پنهنجي ٽيم سميت استعيفا ڏني. ستار سروهي 2007ع ۾ روزاني ‘سوڀ’ ۾ نيوز ايڊيٽر طور خدمتون سر انجام ڏنيون. 2007ع جي آخر ۾ هن روزاني ‘ڪاوش’ جوائن ڪئي، جتي روزاني ‘ڪاوش’ طرفان نڪرندڙ هفتيوار ‘ادبي صفحي’ جي انچارج طور ڪم ڪيو. ان دوران روزاني ‘ڪاوش’ جي تعليم واري هفتيوار صفحي کي به سنڀاليندو رهيو. 2008ع ۾ پهرين سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ‘ڪي ٽي اين’ ۾ اسڪرپٽ ايڊيٽر، اسائنمينٽ ڊائريڪٽر، شفٽ انچارج ۽ اينڪرپرسن طور ڪم ڪيائين. ان کان سواءِ ڪي ٽي اين نيوز تي ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامن ‘اشوز’ (Issues) ۽ هفتيوار پروگرام ‘ويڪ ان فوڪس’ (Week in focus) جي ميزباني به ڪيائين. هن 2010ع واري مها ٻوڏ دوران سنڌ جي ٻڏي ويل علائقن جي ماڻهن جي واهر لاءِ ڪرنٽ افيئرز جو پروگرام ‘فلڊ سيل’ (Flood Cell) جي نالي سان شروع ڪيو. اسائنمينٽ ڊائريڪٽر طور هن ڪي ٽي اين نيوز ۾ ‘لتا دي گريٽ’ اسپيشل اسائنمينٽ تيار ڪئي. سندس سياسي، سماجي ۽ ادبي معاملن تي ڪيترا ڪالم ۽ تحقيقي مضمون، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن. سندس پهريون شعري مجموعو ‘يادگيرين جو ڪفن’ 2016ع ۾ ‘سنڌ راڻي پبليڪيشن’ طرفان شايع ٿيو. هي هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ‘استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سماجي شعور’ جي موضوع تي ايم. فل ڪري رهيو آهي. ستار سروهي، سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد جو ميمبر ۽ ‘حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ’ جو ميمبر رهيو آهي ۽ نوڪريءَ سانگي حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ ستار سروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1981.03.23  عيسوي

ناليواري شاعر ۽ ڪالم نگار ستار سروهيءَ جو پورو نالو عبدالستار سروهي آهي. سندس جنم 23 مارچ 1981ع تي ڳوٺ علي بخش سروهي، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ عبدالحق سروهيءَ جي گهر ۾ ٿي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرسرام ضياء
اياز شيخ مبارڪ علي
ميرغلام الله خان ٽالپر شاهواڻي
صهبا لکنوي
الهه بخش سرشار عقيلي
تنها سيف بخاري
گورڌن ڀارتي
احمد بخش احمد مورائي
تمر فقير
ڀڳواناڻي سترامداس ڪيولرام
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون